حيدرآباد/نيوسعيدآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري سنڌ ۾ وڏيون برساتون پيون، اسان ترقي يافتا ملڪن جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون، سراسري برسات جي رڪارڊ کان 11 ڀيرا وڌيڪ برسات پئي آھي، ترقي يافتا ملڪن کي اسان جي مدد لا اڳيان اچڻ گھرجي، جيڪو اسان جو حق آھي، عوام کي شڪايتون آھن پر ايتري وڏي تباھي ماضي ۾ ڪڏھن به نه آئي آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ڪالهه نيوسعيدآباد تعلقي جي تباھه ٿيل علائقي مارک واھه ۽ مھراڻ ھائي وي جي دوري وقت ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته نيوسعيدآباد تعلقي ۾ وڏي تعداد ۾ پاڻي داخل ٿي رھيو آھي، پاڻي ڪڍڻ لا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، ھتي جيڪا پاڻي جي قدرتي گذرگاھه مارک واھه کان آھي، جيڪا ڪافي پراڻي آھي، بدقسمتي سان انھن قدرتي گذرگاھن تي ماڻھن کي زمينون الاٽ ڪيون ويون آھن. ھن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ۽ آبپاشي کاتي کي ھدايت جاري ڪئي ته جلد مارک واھه جي کوٽائي ڪري مشينون لڳائي، پمپن ذريعي برساتي پاڻي ڪڍيو وڃي. سيد مراد علي شاھه چيو ته منھنجي ڪوشش آھي ته اسان جي صوبي جا ھاري ۽ زميندار ڪڻڪ ربيع جو فصل پوکين ته جيئن 8 مھينن دوران جيڪو ھنن کي نقصان پھتو آھي، ان کانپوءِ ڪجھه فائدو حاصل ٿئي. ھن چيو ته زميني پاڻي ڪڍڻ ۽ آبپاشي نيٽ ورڪ کي فعال ڪرڻ به اسان جي پلاننگ جو حصو آھي، اسان آبادگارن کي مالي مدد پڻ فراھم ڪنداسين، مالي امداد ٻج جي فراهمي ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر جي ڊيزل جي فراهمي جي صورت ۾ ٿي سگھي ٿي، ساڳئي وقت اسان لا جيڪو وڏو مسئلو اسان جي اڳيان آھي اھو ماڻھن کي مناسب کاڌ خوراڪ پھچائڻ آھي. هن چيو ته پ پ پ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ٻين تنظيمن سان گڏ امدادي سرگرمين جي سربراهي ڪري رهيا آهن، اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت هئي جڏهن ته اسان وٽ صرف ساڍا 4 لک خيما آهن جيڪي تمام گهٽ آهن. پوري دنيا کي مدد جي اپيل ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته موسمياتي تبديلي ترقياتي سبب ئي آهي، جنهن جو ڪيتو اسان لوڙي رهيا آهيون. ان لاءِ انهن ملڪن جو فرض بڻجي ٿو ته هو اسان جي مدد ڪن.
عوامي شڪايت بابت هڪ سوال تي هن چيو ته ايڏي وڏي پئماني تي تباهي ماضيءَ م ڪڏهن به نه آئي، ان کان اڳ برساتن سبب صرف 4 کان 5 ضلعا متاثر ٿيندا هئا. هن ڀيري 24 ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، اسان ماڻهن وچ ۾ موجود آهيون، انهن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. مٽياري ضلع جو هي منهنجو ٻيو دورو آهي، ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيا آهن، ڊينگي جي روڪٿام لاءِ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن، ان لاءِ ڌار وارڊ قائم ڪيو پيو وڃي، نه صرف ڊينگي بلڪه ڊائريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين جو به مقابلو ڪنداسين. اسان کي ڪجهه وقت لڳندو، عوام جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته اٽي جو بحران جلد ختم ٿي ويندو، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته 20 آڪٽوبر تائين ڪڻڪ رليز ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ قيمتون مستحڪم ٿي وينديون ان کان اڳ سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مٽياري پهچي ڇنڊڻ موري جو معائنو ڪيو ۽ انتظاميه کي ويجهن ڳوٺن جو پاڻي بنا دير ڇنڊڻ موري ذريعي سنڌو درياهه ۾ نيڪال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي روينيو وارو صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان، آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خاص مدد سيد قاسم نويد ۽ پيپلز پارٽي ضلع صدر سيد علي حسين شاهه ڄاموٽ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. وزيراعليٰ مهراڻ هاءِ وي تي ٽينٽ سٽي جي متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا. هن ڊپٽي ڪمشنر کان متاثرن جي کاڌي پيتي، راشن، ٽينٽ ۽ طبي سهولتن جي فراهمي بابت پڇيو. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر محمد عدنان رشيد ٻڌايو ته متاثرن جي ڀرپور پرگهور لاءِ انتظاميه ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعليٰ ڳوٺ ملوڪ خاصخيلي جي متاثرن جي علائقي مان جلد پاڻي جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو، جنهن تي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته پاڻي جي نيڪالي جو بندوبست ئي ڪرڻ آيو آهيان، انتظاميه طرفان جيڪڏهن راشن نه ملي رهيو آهي ته آگاهه ڪيو وڃي، اوهان کي راشن جي فراهمي جلد ڪئي ويندي. وزيراعليٰ سٽي ۾ قائم ٽينٽ مدرسه ۾ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ويهي ملاقات ڪئي ۽ کين پيار ڏنو ۽ دعا پڻ ڪئي.