وزيراعظم شهبازشريف نئين آرمي چيف جي مقرري نواز ليگ جي سربراهه ۽ پنهنجي وڏي ڀا ميان نواز شريف جي صلاح مشوري سان ڪندو، اهڙي دعويٰ توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير ڪئي آهي. گوجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نوازشريف جي صلاح مشوري سان ڪندو. هن چيو ته نيٽ ميٽرنگ جي نظام ۾ ڪا تبديلي نه پيا ڪريون، جن ماڻهن جي گهرن ۾ سولر پئنل لڳل آهن، انهن لاءِ ڪا تبديلي نه ڪبي، آڪٽوبر کان فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي اچي ويندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عمران خان عوام جو سڄڻ ۽ خير خواهه آهي ته کيس سنڌ جي ٻوڏ متاثر شهر خيرپور ناٿن شاهه وڃڻ گهرجي. پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي مريم نواز جي اختلاف بابت هن چيو ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر آهي ۽ پارٽي ۾ اختلاف راءِ ضرور هوندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close