شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي عالمي برادري اڳيان سوال اٿاريندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ اولهه جي رسالن ۾ انساني حقن تي واويلا مچائيندڙ موقعي پرست هينئر ڪٿي آهن؟ فاطمه ڀٽو پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته فرانس جو نوٽري ڊئم ڪيٿڊرل سڙيو ته هڪ ڏينهن اندر 800 ملين ڊالر جمع ٿي ويا پر پاڪستان جو وڏو حصو ٻڏو ته اولهه جي اخبارن لاءِ فن لينڊ جي وزيراعظم جي پارٽي ان کان وڏي خبر هئي، عالمي برادري کان سوال آهي ته ڇا ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ پاڪستان کي عالمي امداد لاءِ پنڻو پوندو؟ سوشل ميڊيا ۽ اولهه رسالن ۾ انساني حقن تي گوڙ ڪندڙ موقعي پرست ڪٿي آهن؟ برطانوي اخبار ۾ لکيل آرٽيڪل ۾ فاطمه جو وڌيڪ چوڻ هو ته شامي پناهگيرن کي سمنڊ جي رحم ڪرم تي ڇڏيندڙ يورپ هڪ پاسي يوڪرين جنگ جي پناهگيرن جو خاص ڪائونٽر لڳائي آجيان ڪئي پر پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ کي نظرانداز ڪيو ويو، جڏهن ته عالمي طاقتن ۽ عالمي ميڊيا جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. هن عالمي برادري کي خبردار ڪندي چيو ته سڀاڻي ان جاءِ تي توهان به هوندئو ۽ بچڻ جو ڪو به چانس ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close