سنڌ

ڪيمپن ۾ ماڻهو بيمار پيا ٿين،عالمي برادري اڳتي اچي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آهي. هن اھا ڳالھھ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ترڪيءَ جي جنرل قونصل ڪيمل سانگو سان ملاقات دوران ڪئي. ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪمن بابت ملاقات ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو تھ اسان ترڪ حڪومت جا ٿورائتا آھيون جن ٻوڏ متاثرن لاءِ شروع کان ئي امداد موڪلي. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ خيمن ۽ مڇردانين جي کوٽ آھي. ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سانگو چيو ته ترڪ حڪومت سنڌ جي عوام سان گڏ آھي ۽ امدادي ڪمن ۾ وڌيڪ هٿ ونڊائيندي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ٻوڏ واري صورتحال، پاڻيءَ جي نيڪال ۽ امدادي ڪمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو تھ وزيراعظم شھباز شريف ھدايت ڪئي آھي تھ سنڌ جي وڏي وزير سان رابطي ۾ ھجون. ھن وڌيڪ چيو تھ جنھن سامان جي ترت گھرج آھي، اھو فراھم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ھر ممڪن سھڪار ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ھن وقت 15 لک خيمن جي ضرورت آھي، ان جي برعڪس اڍائي لک مھيا ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪيمپن ۾ ھاڻ ماڻھو ۽ ٻار بيمار ٿي رھيا آھن، جن کي طبي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ھن وقت روڊن ۽ ريل نيٽ ورڪ کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن گھرج وارين شين کي پھچائي سگھجي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو تھ مواصلات وارو وفاقي وزير نيشنل ھاءِ وي ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪري چڪو آھي. وڏي وزير سان ڳالھائيندي وفاقي وزير چيو تھ مواصلات واري وزير اوھان سان پڻ ملاقات ڪئي ھئي. احسن اقبال چيو تھ روڊن ۽ ريلوي ٽريڪ جي بحاليءَ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ مان 11 ضلعن جو دورو ڪري آيو آھيان، ماڻھو تمام ڏکيائين ۾ آھن، سيد مراد علي شاھھ چيو تھ متاثرن جي مسئلن جي حل لاءِ عالمي برادريءَ کي اڳتي اچڻ گھرجي، اسان کي پاڻي نيڪال کان پوءِ ماڻھن کي واپس موڪلڻ بعد بھ خيمن جي ضرورت پوندي، ڇاڪاڻ تھ ماڻھن جا گھر تعمير ٿيڻ تائين انھن کي سندن گھرن ويجھو رھڻو پوندو. وڏي وزير چيو تھ اسانکي امدادي ڪمن سان گڏ نئين رٿابندي پڻ ڪرڻي پوندي. ھن وڌيڪ چيو تھ آبپاشي نظام، زرعي زمينن جي بحالي ۽ پاڻي نيڪال واري نظام جي ٻيھر تعمير ڪرڻي پوندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ماھرن سان گڏجي اھو طئي ڪرڻ گھرجي تھ ڇا ايندڙ سالن ۾ بھ اسان جي ملڪ تي موسمياتي تبديليءَ جي اثر پوندا؟. ان تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو تھ وزيراعظم شھباز شريف موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سڀني صوبن سان گڏجي صلاح مشورا ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button