سنڌ

ڳڙهي ياسين ويجهو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ڳڙھي ياسين ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ رکيل شر جي وانڍ ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين مصطفى شر ۽ مومن شر ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان مومن شر واري ڌر جي ھٿياربندن ڳوٺ ٻاھران زمين تي ويندڙ حنيف شر مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ حنيف شر ٿڏي تي مارجي ويو. اطلاع تي مصطفى شر واري ڌر جا ھٿياربند واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، جڏھن ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ باجود ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ وڃڻ کان لنوائيندي رهي، جڏھن ته مارجي ويل جو لاش 4 ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، جنھن بعد ڳوٺاڻن ڊاٽسن ذريعي لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ڳڙھي ياسين ٿاڻي واقعي جو ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button