سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شاگردن تنظيمن احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن سپاف اڳواڻ راشد زرداري، جساف آريسر اڳواڻ فرقان پنهور، سنڌي شاگرد سڀا اڳواڻ جانب وساڻ، جساف بشير خان اڳواڻ دريا خان پنهور، سياف اڳواڻ آزاد خاصخيلي، سنڌ اسٽوڊنٽ ڪائونسل اڳواڻ انتظار راڌاڻي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 80 سيڪڙو شاگرد ھاري، مزدور، غريب ۽ هيٺين طبقي جو آھي. جن جو ٻوڏ ۾ فصل ۽ گھر سان گڏوگڏ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آھي. اڄ اھي والدين معاشي طور ايترا ته ڪمزور ٿي چڪا آھن جو کين کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ناھي، جيڪي پنھنجي اولاد جي تعليم کي چاھيندي به جاري نٿا رکي سگھن، اھڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي شاگرد تنظيمون اھو مطالبو رکن ٿيون تہ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل شاگردن کي رليف ڏنو وڃي ۽ شاگردن جا سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن. ان حوالي سان شاگردن چارٽ آف ڊمانڊ پڻ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ هنن چيو آهي ته سال 2022ع جي چئني سالن جي شاگردن جي رھيل فيس مڪمل طور معاف ڪئي وڃي، رھيل شاگردن کي اعلانيل اسڪالرشپ ڏني وڃي، سال 2022ع جو داخلا فارم مفت ڪيو وڃي. سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي تعليمي سيمسٽر جو مدو وڌايو وڃي، يونيورسٽي جي ٽرانسپوٽ کي بھتر بڻايو وڃي، سينٽرل لائبريري ۽ سيمينار لائبريري جي پراڻن ۽ ڊيميج ٿيل ڪتابن جي جاءِ تي نوان ڪتاب رکيا وڃن، نيچرل سائنس فيڪلٽي اندر ليباريٽريز ۾ سائنسي تجربن لاءِ گھربل سامان مھيا ڪيو وڃي، اداري اندر کاڌي جي معيار کي بھتر بڻايو وڃي ۽ بلاڪس ھاسٽل پوليس کان خالي ڪرائي شاگردن کي الاٽ ڪئي وڃي، هنن چيو ته اهڙو چارٽ آف ڊمانڊ پنج ڏينهن اڳ انتظاميا کي ڏئي چڪا آهيون پر انتظاميا ڪا موٽ ناهي ڏني، جنهن سبب اسان گڏيل طور تي اهو مشورو ڪيو آهي ته شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ سگهاري تحريڪ هلائي ويندي جنهن جو آغاز اڱاري کان ڪيو ويندو، جنھن ۾ ريليون، ڌرڻا، احتجاجي ڪئمپون، پيادل مارچ ۽ بک ھڙتال شامل ھوندا. هنن چيو ته يونيورسٽي جي حدن اندر احتجاج ڪرڻ کانپوءِ به مطالبا نه مڃيا ويا ته سنڌ جي وڏين پريس ڪلبن ۽ وزير اعلى هائوس تي وڃي احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close