پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان مختلف ڳوٺن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ڏاڏا مير محمد ٽالپر، اصغر ٽالپر، علي مياڻو، آسي ڪولهي، ولجي ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽالهي اسٽاپ تي ٽنڊو غلام علي روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. هنن چيو ته برساتن کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي، پر اسان جي ڳوٺن حاجي مير محمد ٽالپر، مير نصير احمد ٽالپر، نظر علي ٽالپر، مير سلطان ٽالپر ۽ تاج محمد نوحاڻي سميت آسپاس جا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن ڪري رهواسي عذاب ۾ آهن، اڃان تائين سوين ڳوٺاڻا روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺ پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر تعلقي انتظاميا سندس واهر ڪرڻ لا تيار ناهي، پاڻي جي نيڪال جو قدرتي لنگھه بند هئڻ ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي. ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button