پاڪستانسنڌ

جهڏو شهر اڃا ٻڏل، سم نالي کي گهارو، ڳوٺن ۾ پاڻي وڌڻ لڳو

جهڏو: جهڏي تعلقي مان انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. هزارين ماڻهو سرڪاري امداد کان به محروم بڻيل آهن. جسڪاڻي سم نالي کي ٻيهر 50 فوٽ گهارو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ جهڏي ۾ ڳوٺ نجم علياڻي وٽان جسڪاڻي سم نالي کي ٻيهر 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنھن سبب اڳ ۾ ئي ٻڏل علائقن ڳوٺ پوپٽ ڪڇي، هرجي ڪڇي، نواز اوٺو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گهاري جو پاڻي تيزي سان وڌڻ لڳو آهي. ٻئي طرف مقامي ماڻهن گهارو بند ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، پر آبپاشي عملو نه پهتو. واضع رهي ته جسڪاڻي سم نالي جو ڇوڙ ايل بي او ڊي ۾ آهي، ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هجڻ ڪري جسڪاڻي سم نالي جو پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي. ٻئي پاسي جهڏو تعلقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، شهر جي مختلف علائقن شيدي پاڙي، هاشم ڪالوني، عاشق ڪالوني، اسلم ٽائون ۽ غلام حسين ڪالوني سميت تعلقي جي 4 يوسيز مير خدابخش 2، مير الهبچايو، روشن آباد ۽ يوسي آهوري جا سوين ڳوٺ بدستور پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڄاڻايل علائقن مان بيٺل 6 فوٽ پاڻي ۾ لاٿ ناهي آهي، جنهن سبب هزارين ماڻهو دربدر آهن. هوڏانهن پراڻ ڍورو اندر پاڻي جي سطح ۾ چاڙهه برقرار آهي، پراڻ جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ نه پيو ٿئي، جنهن سبب تعلقو پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٻئي طرف هزارين ٻوڏ متاثرن جي سرڪاري طور واهر نه ٿي سگهي آهي، متاثر خيمن، راشن، دوائن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن. مڇرن سبب عورتون ۽ ٻار به بيمار ٿي پيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button