ڪوٽڙي: سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران سيشن ڪورٽ ڄامشورو سامهون سوڪ سينٽر جي تعمير لا مختص ڪيل 2 ايڪڙ 25 گهنٽا سرڪاري زمين تي بلڊر پاران قبضو ڪيو ويو آهي، بلڊر پاران سرڪاري زمين تي ٽريڪٽرن ذريعي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس لا 24 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي هئي، جنهن تي ايس ايس پي آفيس، ٽريزري آفيس سميت ٻيون آفيسون جڙي چڪيون آهن، جڏهن ته 24 ايڪڙن جي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس جي ايراضي مان سوڪ سينٽر لا 2 ايڪڙ 25 گهنٽا مختص ڪيل زمين تي بلڊر مبينا قبضو ڪري ورتو آهي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران سرڪاري زمين تي بلڊر جي قبضي جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ايس ڊي اي جي سيڪريٽري سڄڻ ڪيهر جو چوڻ آهي ته زمين الاٽ هجڻ جي بلڊر واري دعوي’ ڪوڙي آهي، زمين سوڪ سينٽر لا مختص ٿيل آهي، جنهن تي غيرقانوني قبضو ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ايس ڊي اي عملو زمين تان قبضو ڇڏائڻ ويو پر بلڊر جي ماڻهن انهن سان جهيڙو ڪري زمين تان کين ڀڄائي ڇڏيو آهي، سيڪرٽري ايس ڊي اي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ساڳئي بلڊر پاران اڳ به مذڪوره زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر ان وقت جي ڊي سي ايڪشن کڻي قبضو ختم ڪرايو هو. ڊي سي بدلي ٿيڻ تي موقعي جو فائدو وٺي بلڊر ٻيهر غيرقانوني قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن کي ڇڏرائڻ لا پوليس جي مدد ورتي ويندي. هوڏانهن ڄاڻايل زمين تي موجود بلڊر جي ملازمن ٻڌايو ته زمين بلڊر امين ٻٻر جي آهي، جيڪا هن ايس ڊي اي کان خريد ڪئي آهي.