دادو: دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباهين سبب متاثر دربدر، بکن ۾ پاهه ٿي ويا، ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 75 هزار 670 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ٻوڏ جي پاڻي ۽ مختلف بيماري ۾ هڪ مهيني دوران 39 ٻارن سميت 81 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، اڍائي لک کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم کان محروم بڻيل. خبر موجب دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباهين سبب متاثرن دربدر ٿي ويا آهن. دادو ضلعي جي ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي تعلقن سان تعلق رکندڙ سوا 2 لک ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، دادو جي انڊس هائي وي، ايل ايس بند، دادو ڪئنال جي ڪپن سميت مختلف روڊن ۽ رستن تي ٻوڏ متاثر کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جتي هو بکون ڪاٽي رهيا آهن.
ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ضلعي جي 17 لک آبادي مان ساڍا 8 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ 4 لک 53 هزار 153 ٻارڙا، 1 لک 86 هزار 287 عورتون شامل آهن، جڏهن ته ضلعي ۾ 97 هزار 330 ايڪڙن تي پوکيل فصل مڪمل طور پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، 686 جانور ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي مري ويا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي پاڻي ۽ مختلف بيمارين ۾ هڪ مهيني دوران 39 ٻارڙن سميت 81 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، 8 هزار 7 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا، پيرسن مرد توڙي عورتون مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن، جنهن ۾ چمڙي، گيسٽرو، ملريا، تيز بخار سميت ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ضلعي انتظاميا جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 75 هزار 670 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.