سنڌ

ڪراچي ۾ قبضا ڪرائي ڳوٺ آباد ڪيا پيا وڃن: هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ قبضا ڪرائي ڳوٺ آباد ڪيا پيا وڃن. سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ منگهو پير ۾ ايراضي تي تڪرار بابت اين ڊي ايف سي آفيسر اينڊ اسٽاف ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت منگهو پير ۾ ايراضي تڪرار بابت 30 ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ ٻين کان وضاحت گهري ورتي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اين ڊي ايف سي ڄاڻايل زمين 1987 ۾ خريد ڪري سوسائٽي ٺاهي، سوسائٽي ملازمن، آفيسرن لاءِ رکي وئي، 2011 ۾ لينڊ مافيا قبضو ڪري ڳوٺ آباد ڪيا، مختيارڪار ڳوٺ آباد ملان ڄام ڳوٺ جي ڪوڙي سند ٺاهي، عدالت مختيارڪار منگهو پير ڳوٺ آباد اسڪيم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ رٿابندي ذريعي ڳوٺ آباد ڪيا پيا وڃن. خانگي سوسائٽيز تي قبضا ڪرائي ڳوٺ ٺاهيا پيا وڃن، مختيارڪار جون ڪوششون آهن ته ڳوٺ ٺهرايا وڃن، جن جون سوسائٽيز آهن اهي ڪيڏانهن وڃن، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ڳوٺ ٺاهڻ جي پلاننگ ڪئي پئي وڃي، ڪي ڊي اي ته ختم ٿي ويو، آخري اسڪيم کان پوءِ هاڻي ڳوٺ آهن، عدالت سرڪاري وڪيل کي چيو ته سنڌ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button