ڏهرڪي/رهڙڪي: ڏھرڪي ويجهو درٻار رھڙڪي صاحب ۾ پاڻي واري ٽانڪي ۾ نوجوان جو ٽي ڏينھن پراڻو لاش ھٿ آيو هو، جنھن جي سڃاڻپ ڊيرا بگٽي واسي نوجوان ساگر پٽ اجيت ڪمار طور ڪئي وئي. ان حوالي سان شيواڌاري اشوڪ ڪمار ٻڌايو ته نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد پوليس جي موجودگي ۾ نوجوان جو لاش گڊو وٽان دريا پروان ڪيو هو. ٻي پاسي گّڊو پوليس دريا ۾ لاش لڙهندي ڏسي پاڻي مان ڪڍي اسپتال پهچايو ۽ سڃاڻپ نه ٿيڻ تي مٽي ما حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش ملڻ جي اطلاع تي ڊيرا بگٽي مان وارث گڊو پوليس وٽ پھتا، جن تصوير ڏسي نوجوان جي سڃاڻپ ڊيرا بگٽي واسي ساگر ڪمار طور ڪئي، جنهن بعد نوجوان جو لاش قبر مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويو سڃاڻپ بعد گڊو پوليس فوتي جو پوريل لاش قبر مان ڪڍرائي وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن رهڙڪي ۽ ڏهرڪي پوليس واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته جاچ نه ٿيڻ بعد رھڙڪي درٻار جي پاڻي واري ٽانڪي مان لاش هٿ اچڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close