لاهور ۾ نواز ليگ سان لاڳاپيل وفاقي وزيرن مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف مذهبي معاملن تي غلط بياني ڪري عوام جا جذبا ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير جاويد لطيف خلاف گرين ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سرڪاري ٽي وي جي ايم ڊي رشيد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جامع مسجد جي امام ارشاد الرحمان جي فرياد تي اهو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ قلم تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف مذهبي معاملن تي غلط بياني ڪري عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. گهرو وزير چيو ته ڪنهن به شهري کي مذهبي نفرت ۽ تشدد لا ڀڙڪائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close