لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد بهرام ڪالوني مان گذريل سومر رات دير سان چورن ڏوڪري تعليم کاتي جي ڪلارڪ محمد بخش ميربحر جي گهر ۾ گهڙي چوري جي ڪوشش ڪئي، گهر ڀاتين سجاڳ ٿي هڪ چور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻيا چور اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا. ان حوالي سان محمد بخش ميربحر ٻڌايو ته گذريل رات چور گهر ۾ داخل ٿيو، جنهن تي سمورا سجاڳ ٿي چور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ پاڙيسري ڪامران چانڊيو طور ٿي آهي. جنهن جي ٻي ساٿي کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو. هن الزام لڳايو ته تعليم کاتي جو بااثر ضمير چانڊيو چورن جي پٺڀرائي ڪري ايلاز منٿون ڪيون انڪار تي هو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چورن خلاف ڪيس داخل ڪري پٺڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close