ٺاروشاهه: ٺاروشاھه ڀرسان ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل، ڌريون مورچابند تفصيل موجب درٻيلو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري 30 سالن جو نوجوان صدام پٽ نظير چانڊيو ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون. ٻي پاسي ڀاڳوديرو ۽ پپري پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي واقعي واري هنڌ نه پھتي، جنهن بعد هٿياربندن جي هڪ ٻئي تي فائرنگ جو سلسلو جاري هو. مقتول نوجوان صدام چانڊيو جي پي نظير چانڊيو ٻڌايو ته دريا جو پاڻي لهي وڃڻ بعد پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس وياسين ته اسان جي زمين تي هٿياربند ويٺل هئا، جن اسان تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ منهنجو ڳڀرو پٽ قتل ٿي ويو آهي، ڀاڳوديرو ٿاڻي تي وياسين ته پوليس پپري ٿاڻي جي حد جو چئي موٽائي ڇڏيو ۽ پپري ٿاڻي وارا به حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل نٿا ڪن، جنهن ڪري وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي. هوڏانهن جهيڙي بعد علائقي ۾ رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close