اسلام آباد: وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين هڪ پاسي ٻين کي اسٽيبلشمينٽ جي نرسري ۾ پرورش جو الزام مڙهي ٿو، ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ کي ميڙهه منٿ ڪري ٿو ته کيس واپس حڪومت ۾ آڻيو. پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ عمران خان ۽ سندس جماعت جي عادت آهي، هي پاڻ کان علاوه هرهڪ کي غدار ۽ ملڪ دشمن سمجهي ٿو.
وفاقي وزير چيو ته ان کي ملڪ ۽ عوام جي نه پر اقتدار ۾ اچڻ جي ڳڻتي آهي، عمران خان پنهنجا ميمبر ۽ نمبر پورا نه ٿيڻ جو الزام اڄ تائين ادارن تي مڙهي رهيو آهي، شيري رحمان چيو ته جلسن ۾ ادارن جي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ڪٿان جي سياست آهي، مقرري جي معاملي کي سياسي جلسن ۾ کڻي هو ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو کيس پنهنجي نااهلي صاف نظر اچي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هي پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن کي انتشار لاءِ تيار ڪري رهيو آهي، ماڻهو 25 مئي وانگر هاڻي به انتشار کي رد ڪري ڇڏيندا.