ڪلوئي: ڪلوئي لڳ جرڳي ذريعي واپس ڪرايل ناري جي خودڪشي واقعي جو هائيڪورٽ نوٽيس ورتو ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر توڙي ڊي آئي جي ميرپورخاص کي طلب ڪري ورتو. خبر موجب ڪلوئي لڳ ڳوٺ مهراڻ سومرو ۾اغوا بعد جرڳي ذريعي وارثن کي واپس ڪرايل ڇوڪري افشان سومرو پاران انصاف نه ملڻ تي آپگهات ڪرڻ جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد نيٺ ڪلوئي پوليس ناري جي ڀا زاهد سومرو جي فرياد تي عطاالله چانڊيو ۽ ذاڪر چانڊيو سميت 4 ماڻهن خلاف اغوا ۽ زنا جو ڪيس داخل ڪيو. ٻئي پاسي سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪراچي واقعي جو نوٺيس وٺندي ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ڊي آئي جي ميرپورخاص کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو. سڄاڻ ڌرين چيو ته ايس ايڇ او ڪلوئي جي نااهلي سبب واقعو پيش آيو آهي، وارثن به ايس ايڇ او تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي، ان ڪري جاچ آفيسر تبديل ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ چيو ته صابر شاهه، منظور شاهه، ممتاز چانڊيو ۽ گلزار چانڊيو زوري جرڳو ڪيو ۽ ٺاهه جو لکرائي ورتو. هن گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف سماجي اڳواڻن عزيز راضي وقار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرپارڪر جهڙي پرامن علائقي ۾ هن قسم جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي، ايس ايڇ او ڪلوئي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران تحفظ ڏئي رهيو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ناري جي تڏي تي شهيد دودو سومرو ويلفيئر جو چيئرمين علي محمد سومرو، هيومن رائيٽس اڳواڻ باغي سومرو، محمد حنيف سومرو، يعقوب سومرو ۽ معشوق سومرو پهتا، جن وارثن سان تعزيت ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا هڪ مظلوم نياڻي جو آواز بڻجي ڪيس کي دنيا اڳيان آندو. اسان نياڻي جو مفت ۾ ڪيس وڙهنداسين. هنن چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، نه ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close