اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گذريل ڏينهن چڪوال جلسي جي تقرير کانپوءِ فواد چوڌري وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان فوج سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، عمران خان جي سومر ڏينهن واري تقرير جو هڪ پسمنظر آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جي خرم دستگير چيو هو ته کيس چيو ويو عمران خان پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻيندو ۽ اسان جيلن ۾ هونداسين، ان وقت آئي ايس پي آر کي خرم دستگير کي شٽ اپ ڪال ڏيڻ گهرجي ها، ان کانپوءِ هي ڪم جاويد لطيف ۽ مريم نواز ڪيو. فواد چوڌري چيو ته هاڻي خرم دستگير چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري نواز شريف ڪندو، پاڪستان جو آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ته وزيراعظم کي ان ڳالهه کان منع ڪري ٿو، عمران خان ان پس منظر ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close