پاڪستانسنڌ

بيگن جروار جا سوين ڳوٺ اڃا ٻڏل، پاڻي ۾ ڌپ، بيمارين منهن ڪڍيو

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ڀرسان يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ جراڙ ٿيٻو، خدابخش ٿيٻو، محمد علي شاهھ، مڇاھو، عزيز ٿيٻو، طالب ٿيٻو، مير جي جاگير، صاحب خان ڏاهري، عليم ٿيٻو ۽ ڳاڙهو صدر اڃان تائين برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ آهن، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري پاڻي جو رنگ ڪارو ٿي ويو آهي ۽ پاڻي ۾ ڌپ ٿي وئي آهي، ڳوٺن ۾ اچڻ وڃڻ جا رستا پاڻي هيٺ ٻڏل هئڻ ڪري ڳوٺاڻا گندي ۽ ڌپ واري پاڻي مان لنگهڻ تي مجبور آهن، ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي سبب مڇرن جو آزار ٿي پيو آهي، جنهن سبب عورتون ۽ ٻار بيمار ٿي پيا آهن. ٻئي طرف گهر ڪرڻ ۽ ڳوٺ ٻڏڻ سبب بي گهر ٿيل هزارين ماڻهن جي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪا مدد ناهي ڪئي، متاثرن کي راشن، خيما، دوائون ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪا سهولت ناهي ملي. روڊن رستن تي ويٺن متاثرن وٽ مختيارڪار ۽ اي سي چمبڙ به لڙي ناهن آيا. ان سلسلي ۾ پ پ طرفان نامزد يوسي بيگن جروار جي وائيس چيئرمين جي اميدوار نور احمد ٿيٻو، شوڪت علي ٿيٻو، امير علي ٿيٻو، نور حسن ٿيٻو، فقير خان محمد ٿيٻو، محمد قاسم ٿيٻو، ڪامريڊ ڪرشن، ڪانجي مل ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اسان ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي، ڊي سي ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ، اي سي چمبڙ ۽ مختيارڪار چمبڙ وٽ بار بار وفد جي صورت ۾ درخواستون کڻي ويا آهيون، ان باوجود پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي. هنن گهر ڪئي ته جلد يوسي جي ٻڏل ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري متاثرن کي ٽينٽ، راشن، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button