اسلام آباد: ايف آئي اي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين کي عالمي مالياتي فنڊ پروگرام جي حوالي سان مبينه آڊيو ڪلپ جي معاملي تي نوٽيس جاري ڪندي اڄ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل مطابق گذريل مهيني ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو ڪلپ هلي رهي هئي، جنهن ۾ شوڪت ترين کي خيبرپختونخواه ۽ پنجاب جي ناڻي وارن وزيرن کي اهي هدايتون ڏيندي ٻڌو ويوهو ته هو وفاقي حڪومت ۽ آئي ايم ايف کي ٻڌائين ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي روشني ۾ صوبائي بجيٽ سرپلس جو واعدو نه ڪري سگهندا.
هن کان اڳ خيبرپختونخواه جي ناڻي واري وزير تيمور خان جڳڙا وفاقي وزير مفتاح اسماعيل کي هڪ خط لکيو هو ته هلندڙ سال صوبائي حڪومت سرپلس فراهم نٿي ڪري سگهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير جي آڊيو ليڪ کانپوءِ موجوده اتحادي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ان جو مقصد آئي ايم ايف سان رياست جي معاهدي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش هو.