پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضن ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ضلعي آرگنائيزر اميربخش جروار، نور محمد خاصخيلي، رازق جروار، جوش جروار، خير محمد چانڊيو، مرتضى چانڊيو ۽ ميهار ڀيل جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري هٿن سان سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي. پراڻ ۽ هاڪڙو سميت سمورن قدرتي لنگهن تي قبضا هئڻ ڪري پاڻي جي نيڪال ۾ رڪاوٽون آهن، ڀوتارن پنهنجون زمينون ۽ فارم هائوس بچائڻ لا لنگهھ بند ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته سنڌ جا برسات متاثر کليل آسمان هيٺ روڊن ۽ رستن جي ڪنارن تي دربدر آهن، پر سنڌ سرڪار انهن جي واهر ڪرڻ لا تيار ناهي، مسڪين ماڻھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ڊگهڙي تعلقي جي انتظاميا امداد به پنهنجن کي ڏئي رهي آهي، ان ڪري غريب ماڻھو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن. تعلقي انتظاميا متاثرن جي واهر نه ڪئي ته اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button