دادو: دادو ڀرسان زمين جي تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري هڪ هاري کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪري ڇڏيو، وارثن لاش رکي ڌرڻو هڻي انصاف جي گهر ڪئي ۽ ٻن هارين جي اغوا جو الزام هنيو. ان سلسلي ۾ دادو ڀرسان اميناڻي ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري هاري الهڏنو سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو، گوليون لڳڻ سبب هاري علي خان ملاح زخمي ٿي پيو، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ زميندار ذوالفقار ڀنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول ۽ زخمي منهنجا هاري آهن، مخالف ڌر ن ليگ اڳواڻ مقدس ڀنڊ وارن سان زمين تي تڪرار هلندڙ آهي، مخالف ڌر فائرنگ ڪري هڪ هاري قتل ۽ ٻيو زخمي ڪيو آهي. هن الزام هنيو ته جوابدار ڌر ٻن هارين ممتاز ملاح ۽ اياز سولنگي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو آهي. هن گهر ڪئي ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري هارين کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن علي اڪبر سولنگي، زميندار ذوالفقار ڀنڊ ۽ ٻين ايس ايس پي موڙ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٽن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد مقتول الهڏنو سولنگي جي ڀاءَ علي اڪبر سولنگي جي فرياد تي اميناڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ڄاڻايو ته جوابدار ن ليگ ضلعي صدر مقدس ڀنڊ، سندس ڀا ماجد ڀنڊ، امين شاهاڻي، خالد چانڊيو، فاروق چانڊيو ۽ ربنواز چانڊيو فائرنگ ڪري نوجوان الهڏنو سولنگي کي قتل ۽ علي خان ملاح زخمي ڪيو آهي. آخري اطلاع تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close