پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ضلعي ۾ مليريا جا 10 هزار ۽ ڊينگي جا 140 ڪيس ظاهر

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ۾ مليريا جا 10 هزار ۽ ڊينگي جا 140 ڪيس ظاهر ٿيا، صحت کاتي جي مقامي عملدارن مريضن جي علاج لا ميڊيڪل ڪئمپون نه لڳايون. سڄي ضلعي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ گيسٽرو سبب ٻوڏ متاثر آزار ۾ آهن. سنڌ سرڪار به متاثر مريضن جي علاج لا ڪو نوٽيس ناهي کنيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ مليريا ۽ ڊينگي جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. گذريل مھيني ۾ ضلعي اندر 7 ھزار 503 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته ھلندڙ مھيني ۾ 3 ھزار 105 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اھڙي طرح مليريا ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 10 ھزار 608 ٿي ويو آهي. گذريل مھيني ۾ ضلعي ۾ ڊينگي جا 80 ڪيس ظاهر ٿيا، ھلندڙ مھيني ۾ ڊينگي جا 60 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ گيسٽرو جو مرض تيزي سان ڦھلجي رھيو آهي، پر صحت کاتو ميرپورخاص وبائي بيمارين کي روڪڻ لا وئڪسين ڪرڻ سميت ڪي قدم نه پيو کڻي، جيڪو انساني جانين لا نقصانڪار آهي. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته يوسي سطح تي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري بيمارين کان بچاءُ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button