پاڪستانسنڌ

مورو ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لا مظاهرو

مورو: مورو ۾ مقتول نوجوان آصف علي جويو جي قاتلن جي گرفتاري لا ڳوٺ محمد خان جويو جي رھواسڻ سندس ما زرينا، نصرت جويو، محمد شريف جويو، جسقم جي شاھنواز ڀٽي، معصوم پٽ محمد علي جويو، امجد علي جويو، نياڻي دعا جويو، منور علي جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ٻڌايو ته آصف جويو پنھنجي زال ۽ ما سميت انڪم سپورٽ جا پئسا ڪڍرائڻ آيو ته جوابدار محمد علي آرائيین، اصغر آرائيین، پپو سومرو ۽ يار محمد پيرزادو ڦر جو ڪوڙو الزام ھڻي گوليون ھنيون ۽ تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ۾ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو، پٽ جي قتل بعد فاقاڪشي تي مجبور آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button