اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آئي ۽ پارٽي سربراهه سموريون حدون اورانگھي ڇڏيون آهن. پي ٽي آئي اڳواڻن لاءِ باقي سندن منهن لڪائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو. صوبائي وزير چيو تہ سوشل ميڊيا تي جعلي تصوير وائرل ڪري ٻوڏ متاثرن جي عالمي امداد روڪڻ جي سازش ڪنهن ڪئي؟ سنڌ حڪومت پاران پنجاب مان خريد ڪيل امدادي سامان ڪنهن ضبط ڪيو؟ ملڪ ۾ ايترو وڏو انساني الميو ٿيو آهي، هي شخص جلسا، جلوس ۽ ڪنسرٽ ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته سمورن سياسي جماعتن جي قيادت، سماجي تنظيمون ۽ پوري قوم هن مشڪل جي گهڙي ۾ هڪ ٿي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پوري قومي قيادت متاثرن وچ ۾ موجود آهي. هن چيو ته معصوم عورتن پنهنجا زيور فلاحي تنظيمن جي حوالي ڪري ڇڏيا ته جيئن متاثرن جي مدد ٿي سگهي. اسڪول جي معصوم شاگردن پنھنجي خرچي مان بچايل رقم ٻوڏ متاثرن کي ڏئي ڇڏي، جڏهن ته هڪ شخص ڪرسي لاءِ هوش وڃائي چڪو آهي، معصوم ٻوڏ متاثرن کي به ان شخص ناهي بخشيو. هن چيو ته شوڪت خانم جي چندي جي پيسن مان عياشيون ڪرڻ وارا عوام کي ٻڌائين ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽيلي ٿون ۾ جمع ڪيل ڊونيشن ڪاڏي ويا. هاڻي حالتون اهي آهن ته سندن پنهنجي جماعت ۾ اختلاف چوٽ چڙي ويا آهن. عمران خان ٻين کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي، هاڻي پنهنجي جماعت جي اھم اڳواڻن کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون اٿس ته منھنجي اجازت کان سواءِ ڪير ڪنھن سان ملاقات نه ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close