وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته رياست لاءِ اهو شرمساري جو سبب آهي ته ماڻهن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ بدران کين گم ڪيو وڃي ۽ وري سندن لاش ملن. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽن گم ٿيل ڪارڪنن جا لاش ملڻ بعد وزيراعظم سان هڪ ملاقات ٿي هئي، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي رياست جي ذميواري آهي، جيڪا رياست ائين نٿي ڪري سگهي اها رياست پنهنجي بنيادي فرضن کان غافل آهي. گهرو وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڏک موت کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، سندن انتظار ۾ واٽون نهاريندڙ گهرڀاتين جي هر گهڙي قيامت جهڙي گذرندي آهي، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پنهنجو ڏک ۽ احتجاج وڏي حوصلي سان گڏ رڪارڊ ڪرايو، اسان خاطري ڪرائي آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. گم ٿيل ماڻهن بابت گهرو وزير چيو ته هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، هي مسئلو رڳو ڪراچي جو نه سڄي ملڪ ۾ اهڙي قسم جا مسئلا آهن، اسان جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته تشدد ۽ گمشدگي انسانيت جي احترام خلاف آهن، جيڪي ماڻهو انهن شين ۾ ملوث آهن اهي آئين جي ڀڃڪڙي رهيا آهن. رانا ثناءُ الله چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو واسطو ڪنهن به صوبي سان هجي سندن بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close