پاڪستان

دنيا کي پاڪستان جي ڏک ۽ پيڙاهه واري ڪهاڻي ٻڌائڻ آيو آهيان: وزيراعظم

نيويارڪ: وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين سيشن جي اعليٰ سطحي ڊائيلاگ جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪ ڪئي. رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ميزباني ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل آجياڻي واري تقريب ۾ دنيا جي مختلف رياستن ۽ حڪومتن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جسينڊا آرڊن سان ملاقات ڪئي. تقريب دوران وزيراعظم فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون سان غير رسمي ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر ۽ فلپائين جي صدر بونگ بونگ مارڪوس سان به ملاقات ڪئي. آسٽريا جي وفاقي چانسلر سان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم نيويارڪ جي پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب کانسوا ڪيترن ئي بين الاقوامي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. آ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو، جڏهن ته مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان سندس ملاقات طئي ٿيل آهي. هو نيويارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ڏيڻ لا ٽائيمز اسڪوائر جو دورو پڻ ڪندو. جڏهن ته نيويارڪ پهچڻ کانپو پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته “پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا کي ٻڌائڻ لا ڪجهه ڪلاڪ اڳ نيويارڪ پهتو آهيان، اها ڪهاڻي ٻوڏ سبب ٿيل هڪ وڏي انساني المئي سان پيدا ٿيل گهري ڏک ۽ پيڙا تي ٻڌل آهي.” ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌندڙ قيمتن، سياري، موتمار تڪرارن ۽ گرمي پد وڌڻ سان ايندڙ “عالمي بي اطميناني” بابت خبردار ڪيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته اعتماد ٽٽي رهيو آهي، اڻبرابري وڌي رهي آهي، اسان جو سيارو سڙي رهيو آهي، ماڻهو تڪليف ۾ ورتل آهن. انتونيو گوتريس چيو ته عالمي سطح تي گرمي پد وڌڻ سان پاڪستان جو اڪثر حصو ۽ برطانيا جو ڪجهه حصو پاڻي هيٺ آهي. هن فوسل فيولز ڪمپنين تي سخت تنقيد ڪندي ان کي فطرت خلاف آپگهاتي جنگ شروع ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو. هن چيو ته اچو ته انهن کي ٻڌايون جن کي لڳي ٿو ته اسان جي دنيا فوسل فيولز جي عادي ٿي چڪي آهي، هي وقت مداخلت ڪرڻ جو آهي ۽ اسان کي فوسل فيولز ڪمپنين ۽ انهن کي هلائيندڙن کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. هن اسريل معيشتن تي زور ڀريو ته اهي فيوسل فيولز مان حاصل ٿيندڙ منافعي تي ٽيڪس لڳائين ۽ موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصان جي تلافي لا ۽ وڌيڪ اگهن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي مدد لا فنڊز وقف ڪن. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته گدلاڻ پکيڙيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button