اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبر افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور موجودگي تي ڪاوڙجي پيا ۽ چيو ته افغاني پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مرداباد جا نعرا هڻن ٿا کين هتي رهڻ جو حق نه آهي. اربع تي پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نورعالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جا ميمبر افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني رهڻ تي ڪاوڙجي پيا. اجلاس ۾ چيئرمين نورعالم خان چيو ته افغان شهرين کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ آزاد ڇڏيو ويو آهي، هتي ته هر شهر ۾ افغاني بنا ڪاغذن جي گهمي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ افغانين لاءِ مڪنيزم موجود آهي. هن چيو ته افغانستان جي رستن تي پاڪستان کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مرده باد جا نعرا لڳايا پيا وڃن. نور عالم خان اجلاس دوران چيو ته پاڪستان پهريان ئي آبادي جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيو ته هتي جيڪو دهشتگرد پڪڙيو وڃي ٿو، اهو افغاني هوندو آهي. ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌاڙن ۾ ملوث افغاني آهن ۽ رڳو ڪراچي ئي نه پر پشاور ۽ اسلام آباد ۾ به ساڳيو حال آهي. هن چيو ته افغانين پاڪستان جي ماڻهن جا روزگار کسيا آهن ۽ پوءِ پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان مردا باد جا نعرا هڻن ٿا. آمريڪا وڃي آمريڪا مرداباد جا نعرا هڻي ڏيکاريو. نورعالم خان چيو ته اسان پاڪستان کي لبنان، عراق نٿا بڻائي سگهون. يو اين کي افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ رهائڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو، يو اين کي چيو وڃي ته مرداباد چوندڙن لاءِ هتي جاءِ نه آهي. پي اي سي چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو رجسٽرڊ نه آهن انهن کي واپس سندس ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي. ان موقعي تي سيڪريٽري سيفران چيو ته هي سنجيده مسئلو آهي، ان تي ميمبرن جا خدشا درست آهن. ڪميٽي جيڪي هدايتون ڏيندي ان تي عمل ٿيندو. اجلاس دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا انڪشاف ڪيو ته دبئي مان 380 ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو ۽ انهن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو، جنهن تي نورعالم خان چيو ته اندازو لڳايو ته پاڪستان جي خلاف نعريبازي ڪندڙن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي دبئي مان ڊي پورٽ 380 افغانين جي لسٽ گهرندي چيو ته غيرقانوني افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ ترسايو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪئمپن ۾ نٿو ترسائي سگهجي ته واپس افغانستان اماڻيو. نورعالم خان چيو ته جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ پناهگيرن لاءِ ڪئمپون آهن تيئن ئي ڪئمپون ٺاهيون وڃن. پاڪستان ۾ هي روزگار جا اهل نه آهن ڇو ته هي ٽيڪس ته ڏين نٿا ان سان گڏ اسمگلنگ ۾ به ملوث آهي. ان حوالي سان نادرا چيئرمين چيو ته بارڊرز جي ذريعي ايندڙ افغانين لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم جي ذريعي ڊيٽا گڏ ڪيو پيو وڃي ۽ جن افغان ماڻهن سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيا انهن جا ڪارڊ ڪينسل ڪيا پيا وڃن. پي اي سي چيئرمين نورعالم خان نادرا چيئرمين کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي پتو آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڪٿي ڏنا ويا، جنهن تي نادرا چيئرمين شيخ روحيل اصغر چيو ته اوهان وٽ افغان شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊن جو ڊيٽا آهي ته اسان کي ڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close