اسلام آبادپاڪستان

احسن اقبال نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جي ريفرنس مان بري

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير احسن اقبال خلاف نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله احسن اقبال خلاف نارروال اسپورٽس سٽي ڪمپلڪيس خارج ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ سياسي انجنيئرنگ تي فيصلو جاري ڪيو هو، ڇا هي سياسي انجنيئرنگ جو بهترين ڪيس ناهي؟ چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ڇا توهان وٽ ائين ڪرڻ جو اختيار آهي؟ ڪير ذميوار آهي؟ احد چيما بري ٿي ويو آهي نه؟ 3 سال توهان ان کي گرفتار رکيو، احمد چيما بهترين آفيسر هيو. ڪير ذميوار آهي ان سڀ جو؟ اسلا آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته شهرين جي ڀلائي لاءِ پراجيڪٽ کي روڪي ڇڏيو. توهان نقصان پهچايو يا مارشل لا وارن، توهان احسن اقبال کي پڪڙي ورتو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته چيئرمين نيب اڻڄاتل اخبار جي خبر کڻي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، ٻڌايو ته منصوبي ۾ ڪرپشن ڪٿي ٿي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان ريفرنس داخل ڪيو بغير اهو ڄاڻڻ جي ته سي ڊي ڊبليو پي ڇا آهي، جنهن سيڪريٽري کي توهان واعدي معاف شاهد بڻايو، ان جو بيان به ڏٺو آهي. توهان عوامي منصوبي کي روڪي ڇڏيو، ان جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب ڪير بڻيو. جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي جواب ڏنو ته اسان اهو منصوبو نه روڪيو هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ احسن اقبال خلاف نارروال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جو ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button