اسلام آباد :پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي اڄ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جو سرڪلر جاري ڪيو ويو آهي. عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪين بابت توهين عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حاضري جي معاملي تي سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل سرڪيولر موجب لارجر بينچ اڄ 22 سيپٽمبر ڏينهن جو اڍائي وڳي ڪيس جي شنوائي ڪندي ۽ عدالتي ڪمري نمبر هڪ ۾ داخلا رجسٽرار آفيس جي جاري ڪيل پاس سان مشروط هوندي. سرڪلر موجب عمران خان جي ليگل ٽيم جا 15 وڪيل عدالتي ڪمري ۾ موجود هوندا ۽ اٽارني جنرل آفيس ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان 15 لاءِ آفيسرن کي به عدالتي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت هوندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته ڪورٽ ڊيڪورم برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس سيڪيورٽي انتظام ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪندي. ياد رهي ته عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي غيرمشروط معافي گھرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا ويا هئا پر عمران خان غيرمشروط معافي بدران پنهنجا لفظ واپس وٺڻ ۽ اڳتي محتاط رويو اختيار ڪرڻ جو جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close