اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثرن جي صورتحال تي آن لائن اجلاس دوران ريلوي وزير خواجا سعد رفيق وزيراعظم کي ريل جي پٽڙين جي بحالي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته متاثر علائقن ۾ امداد تيزي سان اماڻي وڃي، 70 سيڪڙو فنڊ سنڌ ۽ 30 سيڪڙو بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خرچ ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايتون جاري ڪيون ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪم تيز ڪيا وڃن. واضح رهي ته وزيراعظم شهبازشريف هن وقت گڏيل قومن جي 77هين جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ موجود آهي جتي هو 23 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close