طبي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 5 لک ماڻهن غلط دوائن جي استعمال سبب موت جو کاڄ بڻجن ٿا، اسپتالن ۾ اٽڪل 18 سيڪڙو کان وڌيڪ منفي واقعا غلط دوائون واپرائڻ ڪري ٿين ٿا، جڏهن ته اسپتالن ۾ ٿيندڙ 3 سيڪڙو فوتگين جو سبب پڻ اهو ئي هوندو آهي، تنهن ڪري ڊاڪٽر پنهنجي مريضن کي دوائون تجويز ڪرڻ ۽ علاج مهل معياري طبي ۽ ڪلينيڪل پروٽوڪول تي سختي سان عمل يقيني بڻائين. اهڙو مشاهدو “ميڊيڪيشن وڌ آئوٽ هارم” جي عنوان سان منعقد ٿيل ويبينار ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن جي صدارت پنجاب هيلٿ ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر محمد ثاقب عزيز ڪئي. طبي ماهرن پنهنجي مشاهدي ۾ چيو ته سڀني ڊاڪٽرن کي گهرجي ته مريضن جي معياري علاج لاءِ طبي ۽ ڪلينيڪل پروٽوڪول تي سختي سان عمل ڪن، ڪنهن به قسم جي غفلت ٿيڻ تي لاڳاپيل اختياريون معاملي جي جاچ ڪن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا ڏکوئيندڙ واقعا پيش نه اچن. ماهرن چيو ته آمريڪا جهڙي سڌريل ملڪ ۾ به 100 مان ٻه کان 10 ماڻهو غلط دوائون واپرائڻ سبب موت جو شڪار ٿيندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close