اوٻاوڙو/ميرپورماٿيلو: سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ دھشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل سلطان عرف سلطو شر پوليس مقابلي ۾ ساٿي سميت مارجي ويو. تفصيل موجب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ دھشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل سلطو شر ۽ عيسو شر رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. پوليس جي اهڙي وڏي ڪاميابي کانپوءِ ڊي، آءِ، جي، سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ پهچي ويا، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ڊي ايس پي آفيس اوٻاوڙو ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس جي هڪ اسپيشل ٽيم ھن ٽاسڪ ۾ حصو ورتو، مارجي ويل ڌاڙيل سلطو شر تي هڪ ڪروڙ انعام رکيل ھو. ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي مارجي ويل ڌاڙيلن جي ڏوهن جا تفصيل ڏيندي ٻڌايو سلطو شر ۽ سندس ساٿي ٽن ايس ايڇ اوز سميت 12 پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيسن ۾ گهربل هئا، جڏهن ته ڌاڙيل خلاف اغوا ۽ ڀنگ جا 200 ڪيس داخل هئا. ان موقعي تي ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو ته اھم آپريشن ۾حصو وٺندڙ اھلڪارن ۽ آفيسرن کي نقد انعام سان گڏوگڏ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ ترقيون ڏنيون وينديون. پوليس ۾ ڪارين رڍن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊي آئي جي سکر چيو ته ڪاريون رڍون ھر کاتي ۾ موجود آهن پر پوليس فورس ۾ ڪارين رڍن جي ڪابه گنجائش ناهي، اھڙين ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪريون پيا. ٻي طرف آءِ جي سنڌ پوليس پاران گهوٽڪي پوليس لاءِ 25 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close