پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۽ خاص طور تي يورپ ۾ مسلمانن سان دشمني خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي آهي، اسلامي سهڪار تنظيم گڏيل قومن جي سربراهه کي اسلامو فوبيا بابت خاص نمائندو مقرر ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ اچي، اسان کي ايندڙ پيڙهين کي هڪ جيترا معاشي حق ڏيارڻ لا جدوجهد ڪرڻي پوندي. هو نيويارڪ ۾ سڄي دنيا جي نوجوان پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ عالمي برادري کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي دنيا ۾ امن امان ۽ ترقي جي حوالي سان پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، ايندڙ پيڙهين لا برابر معاشي حقن جي به جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته نوجوان پرڏيهي وزير عالمي برادري کي هڪ ٻئي سان سهڪار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ هن ملاقات جو مقصد دنيا کي مستقبل لا گڏيل لائحه عمل جوڙي ڏيڻ آهي. نوجوان پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪئناڊا، جمهوريا چيڪ، هنگري، قطر ۽ سربيا سميت ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي، پاڪستان مان بلاول ڀٽو سان گڏ مملڪتي وزير حنا رباني کر به اجلاس ۾ شريڪ ٿي. ڪانفرنس ۾ شريڪ شخصيتن دنيا جي نوجوان پرڏيهي وزيرن کي گڏ ڪرڻ تي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوشش کي ساراهيندي سندس ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close