پاڪستانسنڌ

شادي لارج ڌرڻي ۾ ايمبولينس ڦاسي پئي، ٻارڙي تڙپي تڙپي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

ڪلوئي/شادي لارج: شادي لارج بائي پاس وٽ ڪٽ حامين جي لڳل ڌرڻي دوران ايمبولينس ڦاسي پئي، رستو نه ملڻ سبب بيمار ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن بعد وارثن ڌرڻو هڻندڙن خلاف احتجاج ڪيو، جنهن تان ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن بعد رهواسي ڌرڻو ختم ڪري هليا ويا. ڪلوئي لڳ زيرو پوائنٽ وٽان سم نالي کي ڪٽ لڳائڻ واري معاملي تان شادي لارج بائي پاس تي جهڏو، ٽنڊو جان ۽ محمد ملڪاڻي سميت مختلف شهرن کان آيل رهواسين نور محمد زنگيجو، نديم گجر، اياز کوسو، حاجي دلواڻي ۽ ٻين ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو، جنهن دوران ڪلوئي شهر جي رهواسي ايوب ڪنڀر جي چئن ورهين جي بيمار نياڻي سائرا ڪنڀر کي بدين کڻي ويندڙ ايمبولينس ڪٽ حامين جي ڌرڻي سبب ڦاسي پئي، رستو نه ملڻ سبب معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ وارثن نياڻي جو لاش رکي احتجاج ڪيو ته وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهن ۽ شهرين شادي لارج بائي پاس تي لڳل ڪٽ حامين جي ڌرڻي جا تنبو پٽي روڊ تي بيٺل ٽريڪٽر ۽ ٽرالرن کي هٽائي ڇڏيو، ڇڪتاڻ وڌڻ تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن بعد بائي پاس تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. هوڏانهن نيوي موڙ تي مقامي ڪٽ مخالف ماڻهن ڌرڻو جاري رکيو. هوڏانهن بدين ضلعي جي وڏي پوليس نفري احسن چيمه جي ڪمند جو گهيرو ڪري ڌرڻي وارن کي گوليندي رهي. هوڏانهن فوتي نينگري جي وارثن عبدالستار ڪنڀر ۽ سندس والد ايوب ڪنڀر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان شادي لارج بائي پاس تي لڳل ڌرڻي وارن ظلم ڪيو آهي ۽ اسان کي رستو نه ڏنو، اسان جي ڇوڪري هڪ ڪلاڪ تائين تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ڌرڻي وارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ سبب شادي لارج شهر بند ٿي ويو. هوڏانهن فوت ٿيل معصوم نينگري سائرا ڪنڀار جو لاش کوسڪي پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو آندو، پر وارثن پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو ته وارثن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن بعد وارث لاش بنا پوسٽ مارٽم جي ڳوٺ کڻائي ويا. ٻئي پاسي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه ڏيڻ ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي قبضن خلاف جهڏو ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي. عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، شهري ايڪشن ڪميٽي ۽ واپاري ايسوسيئيشن سميت ٻين تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين مين مٺي-ميرپورخاص روڊ تي ٽائون ڪميٽي وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي 5 ڪلاڪ روڊ بلاڪ رکيو. ان موقعي تي اڳواڻن اياز کوسو، اشفاق راجپوت، فضل ميمڻ، عمران لياقت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان قبضا ختم نه ڪرائي جهڏو سميت 5 ضلعن جي عوام کي ٻوڙي رهي آهي، زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳائي پاڻي ڪڍيو وڃي. ٻئي پاسي نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ لڳائڻ جي حمايت ۾ واپاري ايسوسيئيشن نئون ڪوٽ طرفان هڪ ڪلاڪ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته شادي لارج، ڪاجھر، جهڏو، ملڪاڻي، پنگريو، خليفو قاسم ۽ نئون ڪوٽ جي ٻوڏ متاثر سوين ماڻهن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي قربان کوسو، ارشد چانڊيو، ظفر ڪمبوهه، مير محمد ٽالپر ۽ ٻين چونڊيل نمائندن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته قدرتي لنگهن تي بااثر وڏيرن جا قبضا آهن، جيڪي فصل پوکي ويٺا آهن، اهي پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري اسان جا سوين ڳوٺ ۽ ڪيترائي شهر ٻڏل آهن. ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ ڏيڻ سان پاڻي ۾ لاٿ ايندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button