پاڪستانسنڌ

ليفٽ بينڪ جي ڊرينيج اسڪيم لاءِ 130 ارب جي ضرورت آهي:وڏو وزير

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي، برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ پلان ٺاهيون ٿا ته جيئن پاڻي ختم ٿئي ۽ ماڻهو ڪڻڪ جي پوکائي ڪري سگهن، بلوچستان جي دنگ تي وڃي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو جائزو وٺندس، بلوچستان حڪومت سان به ان معاملي تي ڳالهائينداسين، پنهنجو پاڻي به نيڪال ٿئي ۽ ٻي ڪنهن کي به نه ٻوڙيو ويندو. اھڙي خيالن جو اظهار هن سنڌ جي مختلف برسات متاثر علائقن جي دوري دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته برسات الله طرفان امتحان آهي، هر هنڌ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مسئلو آهي، ليفٽ بينڪ جي ڊرينيج اسڪيم لاءِ 130 ارب روپين جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ کي بحريا ٽائون جي پئسا ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر اهي پئسا به نه مليا آهن. هن چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ ٿيو آهي، هي آزمائش جو وقت آهي، سنڌ حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ سڄي سنڌ جو دورو ڪري رهيو آهيان، جيڪب آباد جي برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو وٺڻ لاءِ بلوچستان طرف وڃي رهيو آهيان، آبپاشي وزير مون سان گڏ آهي، جائزو وٺي بلوچستان حڪومت سان ڳالهايو ويندو. وڏي وزير چيو ته عام طور سنڌ ۾ 120 ملي ميٽر برسات پوندي آهي، هن سال پڊعيدن ۾ 1800 ملي ميٽر برسات پئي، سڄي سنڌ ۾ 1100 ملي ميٽر برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو، في الحال هي وقت ماڻهن کي رليف ڏيڻ جو آهي، حساب ڪتاب جو ناهي. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڪل ايراضيءَ هڪ لک 41 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي، 135 کان 140 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي برساتن سبب سنڌ ۾ بيهجي ويو آهي، بلوچستان جي پاڻي کان علاوہ به برساتن جو 20 ڀيرا تربيلا ڊيم کان وڌيڪ پاڻي سنڌ ۾ آيو آهي. جڏهن ته وڏي وزير گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، اوٻاوڙو، جروار، راونتي ۽ ٻين متاثر علائقن جو دورو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button