نئون ڪوٽ: ڀٽارو ۾ ٽينٽ سٽي ۾ بجلي جي تار ٽٽي ڪري پئي، ٻوڏ متاثر نوجوان ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويو، واقعي خلاف متاثرن ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ يوسي ڀٽارو لڳ ڳوٺ حاجي حسن دل وٽ قائم ٽينٽ سٽي ۾ حيسڪو نئون ڪوٽ انتظاميا جي نااھلي سبب 11 ھزار وولٽيج واري تار ٽٽي پئي، جنهن سبب ٽينٽ سٽي ۾ ويٺل 30 سالن جو پرتاب ڪولھي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، اطلاع باوجود حيسڪو عملو نه پھتو. واقعي بعد ٻو متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري نئون ڪوٽ، ڪلوئي، بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي حيسڪو عملي خلاف نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. هنن چيو ته پرتاب ڪولھي جي موت جو ذميوار حيسڪو سب ڊويزن نئون ڪوٽ جو عملو آهي، عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهتا. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس کڻي حيسڪو عملي خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي. معلوم ٿيو آهي ته ٽينٽ سٽي ۾ 25 آگسٽ کان ٻوڏ متاثر ترسيل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close