وزيراعظم شهباز شريف خوراڪ تيار ڪندڙ عالمي ڪمپنين کان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل لکين ٻارن لا عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسميبلي اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هن وقت تاريخ جي سڀ کان ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ جون تباهيون سڀني جي اکين آڏو آهن، آئون ٻارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کان اپيل ڪريان ٿو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن، قدرتي آفت سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي تباهين ۽ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان، مون هاڻوڪي آمريڪي دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ڀرپور وڪالت ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلي جي حل لاءِ فوري قدمن طرف دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي چوڻ تي نيب هر حد تائين ويو، نواز ليگ جي اڳواڻن کي ناجائز قيد ۾ رکيو ويو پر احسن اقبال کي بري ڪرڻ سان اصل حقيقتون ثابت ٿي ويون آهن، احسن اقبال جهڙي شريف ۽ ايماندار شخص جي ديانتداري ڀرپور نموني ثابت ٿي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close