سانگهڙ: سانگهڙ ۾ پوليس جي گرفتاري جي خوف کان ڊوڙندي گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، وارثن لاش رکي ڌرڻو هڻي انصاف جي گهر ڪئي. ان سلسلي ۾ سانگھڙ شھر جي علائقي ٽوري موري روڊ ڀرسان پوليس ڇاپو هڻي نوجوان علي مراد خاصخيلي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران نوجوان گرفتاري کان بچڻ ۽ پوليس جي خوف سبب فرار ٿي ويو، جنهن جو پوليس پيڇو ڪيو ۽ نوجوان ڊوڙندي ڊوڙندي گٽر ۾ ڪري پيو، جنهن کي پوليس ٻاهر ڪڍڻ جي زحمت نه ڪئي، جنهن دوران نوجوان فوت ٿي ويو، بعد ۾ نوجوان جو لاش ٻاهر ڪڍي سول اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ۽ علائقي واسين اسپتال ۾ احتجاج ڪرڻ بعد سانگھڙ-ميرپورخاص روڊ تي لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو ۽ ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي نوجوان جي ما سگهڙ پنهنجي پٽ دلنواز خاصخيلي سان گڏ دانهون ڪندي چيو ته پٽ جو ڪو ڏوهه نه هو، پوليس سانگھڙ پوليس پٽ کي پڪڙڻ آئي ته ھو خوف وچان ڀڄي ويو ۽ وڃي گٽر ۾ ڪري پيو، پر پوليس پٽ کي ٻاهر نه ڪڍيو، ان ڪري هو فوت ٿي ويو، جيڪو پوليس جو ظلم آهي، پٽ کي 5 ٻار آهن، اسان غريب آهيون، پوسٽ مارٽم ٿيڻ باوجود پوليس هاڻ ڪيس داخل نٿي ڪري، اسان 6 ڪلاڪن کان دربدر آهيون. هن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڊي ايس پي سانگھڙ چيو ته واقعي جي جاچ ڪريون پيا، جيڪڏهن ڪو اهلڪار ملوث ثابت ٿيو ته ڪارروائي ڪنداسين ۽ نوجوان جي تدفين بعد ڪيس به داخل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close