لاڙڪاڻي پوليس نئون ديرو ۾ ڪارروائي ڪندي غيرقانوني ترسيل افغاني شهري کي گرفتار ڪري ورتو. نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس حد جي علي محمد وانڍ واري علائقي ۾ بنا شناختي دستاويزن جي غيرقانوني ترسيل پرڏيهي شهري کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان حوالي سان نئون ديرو پوليس ٻڌايو ته گرفتار پرڏيهي جاچ دوران پنهنجو نالو سحر گل ولد هزار گل ذات علي خيل ۽ افغانستان جي شهر لغمان جو رهواسي ٻڌايو آهي، جنهن مٿان سرڪار جي فرياد تي فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close