سنڌ

قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جون 3 معصوم ٻارڙيون مليريا وگهي فوت

قمبر ۾ ٻوڏ ستايلن مٿان گيسٽرو ۽ مليريا جو وار جاري هڪ ڏينهن ۾ 3 معصوم ٻارڙيون فوت ٿي ويون. فوت ٿي ويل جي خيمن ۾ ڪهرام مچي ويو. قمبر جي ڊگري ڪاليج ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر ڳوٺ نودمان واسي 3 ورهين جي نينگري رحيمان چانڊيو ۽ ڳوٺ در محمد چانڊيو جي رهواسڻ 7 ورهين جي نينگري فرزانه چانڊيو ۽ 12 ورهين جي نينگري رشيده چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿي ويون. فوتي نينگري جي خيمن ۾ ڪهرام مچي ويو. جنهن سبب پوري ڪئمپ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. معصوم ٻارڙين جا مڙهه پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو متاثرن جي مالي مدد ڪئي. جڏهن ته ڊي ايڇ او قمبر متاثرن کي ايمبولينس جي سهولت ڏني. ٻوڏ متاثرن ۾ مليريا ۽ گيسٽرو جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جڏهن ته صحت کاتو ايمرجنسي بنيادن تي ڪي اپاءَ نه ورتا آهن، جڏهن ته ڏينهن جو 3 وڳي کانپوءِ سول اسپتال جي ليبارٽري پڻ بند ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب ٻوڏ متاثرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ضلعي انتظاميا جي ڪن تي جون به ڪا نه ٿي چري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button