مدئجي ۽ ڀرپاسي جي شاخن ۽ واهن سميت وارهه ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جندو ديرو پل تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. مدئجي ويجهو گذرندڙ وارهه ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف علائقن جي ڳوٺاڻن جندوديرو پل مين سکر-لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري آبادگارن عبدالخالق پنهور, وڏيرو ممتاز ڀٽو, انيس ڀٽو, مولوي حزب الله پنهور, ولي محمد پنهور, عمران عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري وارهه پل تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جنهن دوران مظاهرين ۽ مسافرن ۾ منهن ماري پڻ ٿيندي رهي. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيوته برساتن سبب اسان جا گهر تباهه ٿي ويا, برساتون ختم ٿيڻ باجود آبپاشي انجنيئر ۽ ايس ڊي او ڪرپٽ آبپاشي عملي ڳٺ جوڙ ڪري وارھه ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڪئنال کي سڪائي ڇڏيو آھي، جنهن ڪري اسان جون ھزارين ايڪڙ زمينون سڪي بنجر ٿي ويون آھن، پاڻي نه هجڻ سبب اسان جو ساريالو فصل سڙي رهيو آهي، جنهن ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هنن چيوته جيستائين پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويندو اسان جو ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن ڌرڻي جي ٽن ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او مدئجي طالب ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد آبپاشي عملدارن سان ڳالهائي مسئلو حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس ۽ مظاهرين آبپاشي کاتي جي آفيس پهتا، جتي ڪوبه آفيسر موجود نه هو، جنهن تي مظاهرين چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close