سنڌ

لعلو رائنڪ ۾ اسڪول خالي ڪرائڻ تان ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

لعلو رائنڪ جي اسڪول ۾ پناهه ورتل ٻوڏ متاثرن انتظاميا پاران اسڪول خالي ڪرائڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي متاثرن عابد چولياڻي، برڪت چولياڻي، محمد پناهه چولياڻي، نياز چولياڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سمورا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، مال ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان لڙهي ويو صرف پنهنجا سر بچائي لعلورائنڪ جي سرڪاري اسڪول ۾ پناھه ورتي آهي. هنن چيو ته هڪ ته انتظاميا کاڌ خوراڪ ۽ رهائش لاءِ تنبو نه ڏنا وري مٿان اسڪول خالي ڪرڻ لا ڌمڪايو پيو وڃي. اھڙي صورتحال ۾ اسان پنهنجا ٻچا وٺي ڪيڏانهن وڃون. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جيستائين کاڌ خوراڪ جي شين سان گڏ ٽينٽ ڏئي رهائش لاءِ متبادل جڳھه نه ڏئي ويندي تيستائين اسڪول خالي نه ڪنداسين ۽ بک هڙتالي ڪيمپ جاري رکي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button