لاهور: سينيئر اداڪارا نور بخاري چيو آهي ته هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسي شرمساري ٿئي ٿي. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ نور بخاري اينجلينا جولي جي واکاڻ ڪندي پاڪستاني فنڪارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته حديقا ڪياني ۽ ريشم کان سواءِ اسان جا نام نهاد اداڪار جيڪي پنهنجي فلم جي پروموشن لاءِ هر شاپنگ مال ۽ هر گهٽي ۾ ڊانس ڪري رهيا آهن، اهي ڏکي وقت ۾ ڪٿي به ناهن نظر آيا. هن وڌيڪ لکيو ته ماڻهو انهن جعلي اداڪارن جي پيروي بند ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close