اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران ڏنل لانگ مارچ جي سڏ تي پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان جهڙي شخص سان ڳالهيون ممڪن ناهن، خاص صاحب کي تياري ڪرڻي آهي پر اسان مڪمل تيار آهيون. گهرو وزير چيو ته ريڊ زون کي احتياط خاطر سيل ڪيو، ريڊ زون کي اڄ کولي رهيا آهيون پر جڏهن خان صاحب اچڻ جو ارادو ظاهر ڪندو ته ريڊ زون ٻيهر سيل ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ شامل ڪارڪنن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ رٻڙ جون گوليون وسائڻ لاءِ جديد طريقو اختيار ڪيو ويندو ۽ ڊرون جي استعمال تي پڻ غور ڪيو ويندو. گهرو وزير وڌيڪ ٻڌايو ته صوبن کان پوليس فورس گهري آهي، صوبن پوليس نفري موڪلڻ کان انڪار ڪيو ته سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close