پاڪستانسنڌ

ٻارڙي سان زيادتي بعد قتل جو ڪيس داخل، ڪيترائي ڀيرا ريپ جي تصديق

ڪراچي: ڪراچي ۾ 12 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي کانپوءِ قتل ڪرڻ جو ڪيس سندس پي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي ڪورنگي زمان ٽائون ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي کانپوءِ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس اڻڄاتل ماڻهن جي خلاف ڇوڪري جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو. ڪيس ۾ قتل ۽ زيادتي جا قلم داخل ڪيا ويا آهن. والد بيان ۾ چيو آهي ته صبح جو مزدوري تي ويس شام 4 وڳي آيس ته گهر جو دروازو بند هو، منهنجي وڏي ڌيءَ ڀا کي ٽيوشن تي وٺي ويل هئي. ڪيس جي مدعي چيو ته پٽ گهر جي مٿان واري ماڙ تان منهنجي گهر ۾ لهي دروازو کوليو، دروازو کلڻ تي ڏٺو ته منهنجي ڌيءَ ڇت سان چادر سان ٽنگيل هئي، ٻارڙي جي والد چيو ته ڌيءَ کي اسپتال کڻي ويس جتي ان جي موت جي تصديق ٿي، پوسٽ مارٽم تي خبر پئي ته ڌيءَ سان ڪافي عرصي کان زيادتي ۽ غير فطري عمل ٿيندو رهيو آهي.

هوڏانهن پوليس ٻن ماڻهن کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي هئي. پوليس سرجن سميه سيد مطابق ٻارڙي جي سڃاڻپ 12 ورهين جي مهناز طاهر جي نالي سان ٿي آهي، مهناز جي طبي چڪاس ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ٻارڙي جو موت گهٽو ڏيڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ سان ٿيو آهي. هن چيو ته ٻارڙي جي جسم مان ڊي اين اي نمونا حاصل ڪيا ويا آهن. واقعي کانپو علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي. پوليس واقعي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي ۽ هر پاسي کان واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button