اسلام آبادپاڪستان

ننڍي چونڊ ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال،عمران کي ٻيهر نوٽيس

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن اين اي 24 چارسدا جي ننڍي چونڊ ۾ سرڪاري وسيلا ۽ هيليڪاٽر جي استعمال جي معاملي ۾ عمران خان کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان ۽ وڏي وزير محمود خان جي خلاف ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس جي شنوائي نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪئي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان جو وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ موقف ڏنو ته اسان کي گذريل ڏينهن نوٽيس مليو، ان جو جواب جمع ڪرائي رهيا آهيون. ڊي ايم او چارسدا ۾ هن ڪيس جي شنوائي آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته بار بار ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، هڪ تڪ جي نه پر هر تڪ جي ڀڃڪڙي ڏسنداسين. اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته هي مسلسل ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا هئا، هي ڪيس اسان کي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪميشنر اماڻيو آهي. هن چار ڀيرا ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اوهان پشاور ۾ خلاف ورزي ڪئي ته ڏنڊ ٿيو، چور چارسدا ۾ ڀڃڪڙي ٿي، سرڪاري مشينري اوهان جي ڪنٽرول ۾ آهي اوهان تي الزام آهي ته هيليڪاپٽر سميت سموري سرڪاري مشينري ننڍي اليڪشن ۾ استعمال ٿي. اوهان پنهنجا قانوني اعتراض لکت طور اسان کي ڏيو. وڪيل چيو ته اوهان جو نوٽيس چارسدا اين اي 24 بابت آهي، ضابطي اخلاق تي ڊي ايم او ڏنڊ ئي نٿو ڪري سگهي. مان پنهنجا اعتراض لکت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيان ٿو. عمران خان طرفان ڪوئي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button