ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته عمران خان هڪ ڪال تي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو، ملڪ جي معيشت ويهجي وئي آهي، جيڪڏهن ملڪ بچائڻو آهي ته اليڪشن ڏانهن وڃڻو پوندو. جيڪڏهن راڻا ثناءُ الله ڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس اسان کٽنداسين ڇو ته جن ماڻهن کي پرڏيهي چيو ويو آهي سڀ پاڪستاني آهن ۽ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ آهن. هن چيو ته عمران خان ڪوئي اهڙو ڪم ناهي ڪيو جو عدالتن جا چڪر لڳائڻا پون هي فاشسٽ حڪومت عمران خان کي نااهل ڪرائڻ گهري ٿيئ اڳوڻي گورنر چيو ته عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر آهي، سندس هڪ ڪال تي قوم نڪري سگهي ٿي ۽ هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close