پاڪستان

پاڪستان ٻوڏ جي نقصان کي اڪيلو منهن نٿو ڏئي سگهي، دنيا کي گڏ بيهڻو پوندو:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ جي تباهي ايتري آهي جو پاڪستان پنهنجي وسيلن سان اهو نقصان پورو نٿو ڪري سگهي، سڄي دنيا کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو، اسريل ملڪ ۽ اسان جا دوست مدد لا اڳتي اچن. وزيراعظم نيويارڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي حوالي سان جائزو ورتو ۽ ملڪ ۾ امدادي سرگرمين جي صورتحال جو جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب عالمي ادارن کي به پاڪستان جي مدد ڪرڻي آهي، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ۽ ورلڊ بينڪ جي صدر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، جن سان موجوده پروگرامن ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڳالهه ٻولهه جو محور رهي. ٻئي طرف شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جو ٿورائتو آهيان، جنهن ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب دوران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي حالت کي اجاگر ڪيو، عالمي برادري هاڻوڪي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارن کي گهربل مدد تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي خاص نمائندي طور پاڪستان پهتل اداڪاره اينجلينا جولي ۽ ٻين گمنام هيروز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ انهن جي جذبي ۽ همدردي جي اظهار کي سدائين ياد رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button