سنڌ

رتيديري ويجهو وڏي وزير جي متاثرن سان ملاقات، واهر نه ٿيڻ جون دانهون

وڏي وزير مراد علي شاهه کي رتوديرو جي ڳوٺ جيها ۾ روڊ تي قائم طبي ڪئمپ جي دوري دوران ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته روزانو 300 مريضن جي او پي ڊي آهي. وڏي وزير دوائن بابت پڇاڻو ڪندي ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته مليريا جون دوائون ڪئمپ تي هجڻ گهرجن. جڏهن ته وڏي وزير ٻوڏ متاثرن جي ٻارڙن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻارڙن کي فوري طور ٽينٽ لڳائي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير ٽينٽ ۾ ويٺل ماڻهن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڇا مليو آهي؟ ته اتي موجود هڪ آفيسر چيو ته سڀ ڪجهه مليو آهي، وڏي وزير آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جنهن کان پڇاڻو ڪيو آهي اهو ئي ٻڌائي، آئون اوهان جي ڳالهه نه مڃيندس جيڪا ڳالهه متاثر ٻڌائيندا اها مڃيندس، جنهن تي متاثرن وزير اعليٰ سنڌ کي دانهيندي ٻڌايو ته کاڌ خوراڪ ۽ دوائن سميت ڪا سهولت يا امداد نه ملي رهي آهي. جڏهن ته هتي هر ڪو فوٽو سيشن ڪرڻ ۾ پورو آهي. جڏهن ته وڏي وزير کي رتوديرو ۾ امدادي ڪئمپ جي دوري دورران ٻڌايو ويو ته رتوديرو ۾ 52 امدادي ڪئمپ آهن جن ۾ 3584 ماڻهو رهن پيا. وڏي وزير متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ متاثرن جا مسئلا ٻڌي انهن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا، جنهن بعد ميڊيڪل ڪئمپ جو جائزو وٺي دوائن جي اسٽاڪ جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪيش چاولا، ڄام خان شورو، سهيل انور سيال، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم پي اي گهنور اسراڻ، ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور لغاري، ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، ايس ايس پي آصف رضا ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button